اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهايو ويندو، پوري ملڪ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ 12 ربيع الاول جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي ا??لا?? ٿيو. ا??لا?? ۾ وزيراعظم کي 12 ربيع الاول جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ا??لا?? ۾ وفاقي وزي??ن چوڌري فواد حسين، نورالحق قادري، شفقت محمود، خاص معاونين شهباز گل، عثمان ڊار، س??ني??ر فيصل جاويد، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر ع??ران اسماعيل، س??ني??ر سيف الله نيازي ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.