اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ ئي ملڪ ۾ ان موذي مرض جو شڪار ٿيندڙ 40 هزار عورتن جون زندگيون بچائڻ جو واحد رستو آهي، ان سلسلي ۾ ڀرپور آگاهي مهمن جي ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ خدشن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪ??دي عورتن کي فوري طبي مدد وٺڻ بابت هٻڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر پنهنجي زال ثيمنه علوي سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ عوام کي حساس بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر عارف علوي ??يو ته پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ ۾ احتياط ۽ پرهيز ڇ??تي جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي مهانگي طبي علاج کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي، هن ??يو ته معاشري جي ذميداري آهي ته هو عورتن کي تعليم، صحت ۽ هراسيت کان بچاءُ سميت سمورين سهولتن تائين پهچ ڏي. صدر صحافين تي زور ڏنو ته هو ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف جنگ ۾ ان موضوع کي نمايان ڪري ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ آگاهه ڪري سگهجي،
ان موقعي تي بيگم ثمينه علوي ??يو ته ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ سندس آگاهي مهم جي پيش نظر ميڊيا پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان موضوع کي موثر طريقي سان اجاگر ڪري رهيو آهي، هن ??يو ته هو هن مهيني ۾ مختلف شهرن جي ڪاليجن جو دورو ڪندي ته جيئن ڇوڪرين ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي حوالي سان شعور بيدار ڪري سگهجي. هن خاندانن جي مردن تي به زور ڏنو ته هو ان بيماري سان جڙيل مصيبتن جو ازالو ڪن ۽ مناسب طبي سارسنڀال لاءِ عورتن جي مدد ڪن. و??ير??عظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ??يو ته ڇاتي جي ڪينسر جي سنگيني جي پيش نظر لاڳاپيل صحت جي ادارن جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.