پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي موجو??ه صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ ا??غان ??ارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيل سان ??گاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ ا??غان ??ين الاقوامي سرحد تي سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي کان ??ه آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان ??ي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي مهم ۽ وڻڪاري جي دوران ??ول انتظاميه جي مدد تي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.