اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو ??نصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي سستي ب??لي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو ??ڪ مش??ل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ کي سستي ب??لي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي ب??لي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي سستي ب??لي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.