اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان پاڪست??ن تحريڪ انصاف جرمني جي صدر طارق جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ??نه?? کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خ??ن تي اعتماد ڪندي رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪليو آهي ۽ پرڏيهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل ??ڪائونٽ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن.