اسلام آباد ??? پ??رين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر پارٽين کي دعوت ??ني آهي ته اهي چونڊ سڌارن جي لاءِ اسان سان گڏجي ويهن، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ جي باوجود سموريون پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، چونڊن جي ساک رڳو ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٻڌل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اين اي 249 ۾ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ هجڻ جي باوجود سموريون سياسي پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، ائين ئي ڊس??ا ۽ سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ به ٿ??و، بدقسمتي سان 1970ع کانپوءِ پاڪستان ۾ هر چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا جنهن سان چونڊ نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا ويا.