اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽنهي هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ت?? اسان هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق ??ان اڳتي وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري ??يان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ??ندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم چيو ته چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان جي هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي جه??ڪ پوري ??نيا ڏٺي.