ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي آ??يس جي دوري جي موقعي تي چئي. پي بي اي جي عهديدارن سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايوسسيئيشن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته گڏيل تعاون ۽ مسلسل رابطن سان ??سئلن جو حل ممڪن بڻاي?? ويندو.