اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي ايثار جي جذبي، ق??باني ۽ اڻٽر ارادي تي عمل پيرا ٿي سمورين مشڪلاتن کي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، يوم عاشور جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته هي ڪرب??ا واقعو الله تعاليٰ ۽ يوم آخرت تي اڻٽر ايمان آهي، بي مثال تق??يٰ، بهادري، الله جي راهه ?? صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڪرب??ا واقعو اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي ان عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جنهن حق ۽ سچ جي خاطري ڏنيون، هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي قرباني تعليم، برداشت، ق??باني ۽ شهادت جي جذبي جي هڪ لازوال مثال آهن.