اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي خيابان ??هروردي روڊ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گڏيل ??يلي ڪڍي وئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙ مودي سرڪار جي ظلمن ۽ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي عزم کي ورجايو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان ??يابان ??هروردي روڊ (زيرو پوائنٽ فلاءِ اوور) کان ??حتجاجي ريلي شروع ڪئي وئي جنهن جي قيادت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ڪئي. ريلي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي آڏو ختم ٿي جتي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ??المي برادري کي اهو باور ڪرائڻ چاهين ٿا ته ڪشمير جي ماڻهن تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان ??رپا آهي هندوستان کي ان ??و حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هندوستان ??دمست هاٿي وانگر خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ توازن کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ان ??و نوٽيس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسان ڪشمير جي مظلوم، معصوم ماڻهن سان ??ن عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان ??ي 22 ڪروڙ عوام انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان ??ي هن سري نگر ايڪسپريس وي جي منزل سرينگر آهي، اسان هن ايڪسپريس وي تان ??رينگر پهچي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جي مدد ڪندي انهن کي ڀارتي ڌاڍ کان ??زاد ڪرائينداسين، انشاءَ الله جلد ڪشميري آزادي جو ساهه کڻندا. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين تي جاري ظلمن جي خلاف آواز کي بلند ڪرڻ آهي ڇو ته عالمي برادري ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش آهي، ان منافقاڻي رويي سان ??المي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جبري گمشدگيون، نوجوانن تي ظلم، پيلٽ گنز جو استعمال ۽ غيرقانوني فوجي گهيراءُ دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي، اڄ پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام جو هڪ ئي موقف آهي ته ڀارت کي انهن سمورن ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو. ريلي ۾ اي پي پي جو ايم ڊي طارق محمود خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر شاهيره شاهد، ريڊيو پاڪستان ??ي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، ڊي جي آءِ پي سهيل ??لي خان، ڊي جي ڊيمپ سعيد جاويد، ڊي جي اي پي عمرانه وزير سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.