اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا کان حفاظت سان گڏوگڏ ڪاروبار زندگي جاري رکڻ جي لاءِ معيشت جو ڦيٿو هلڻ ضروري آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر م??ڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت ا??ي ويو آهي ته عوام به باشعور پاڪستاني ??جڻ جو ثبوت ڏيندي حڪومتي ايس او ??يز جي مڪمل پاسداري ڪري ته جيئن جزوي لاڪ ڊائون ۽ وبا کان بچي سگهجي.