اسلام آباد – 19 مئي (اي ??ي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري ??لاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته قومي پارلياماني تاريخ جو ڊگهو سيشن گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو 5 ??ون کان 13 آگسٽ تائين جاري ??هندو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته پارلياما??ي سال جا ڏينهن پورا ڪرڻ آئيني گهرج آهي. پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو ٿيو آه??، حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.