سيالڪوٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لا??ات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي مصنوعي کوٽ ??يدا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو ??هي?? وزيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام تائين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي ??هي?? رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ اربين رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪري پاڪستاني صنعتڪار به مشڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ ??يدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سي??لڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.