اسلام آباد ?? 23 ??سمبر (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل نج هائيڊل جي معاملي ??ي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٽيليمنٽري نظام لڳائڻ، تيل جي ڳولا ۽ پيداوار جي پاليسي جي منظوري، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي مقرري جو اختيار وفاقي حڪومت کي ڏيڻ ۽ اوگرا آرڊيننس 2002ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 41 هون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي