اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي ??عاون عثمان ڊار جي صدارت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نادرا جي سينيئر آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪامياب جوان يوٿ ڪا??ڊ جاري ڪرڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي فنانشل انڪلوزن ۽ انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ کي ي??يني بڻائي سگهجي.