اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اميد جو اظهار ڪيو آه?? ته 9 جنوري ي ٿيندڙ جنيوا ڪانفرنس پاڪستان کي موسمياتي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجڻ طرف وڌڻ جي لاءِ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندي. سال 2022ع جي لاءِ ايوان صدر جي جائزه دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آه?? پر ٻوڏ جي ڪري موسمياتي تباهي سان بري طرح متاثر ٿيو آه?? ۽ ان کي اربين ڊالر جو نقصان کڻڻو پيو. هن ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي ج?? سرگرمين ۾ دوست ملڪن، هٿياربند فوج، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول انتظاميا جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تمام وڌيڪ نقصان ٿيو جيئن ته ميلن تائين زمين اڃا به پاڻي ۾ ٻڏل آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي معذوري ج?? شڪار آه??، خاص طور تي معذور ماڻهن کي مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻارن کي خصوصي ماڻهن سان همدردي ج?? سلوڪ ڪرڻ سکڻ گهرجي. انهن خصوصي ٻارن کي مناسب تعليم ۽ روزگار ڏنو وڃي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ ٻين تي دارومدار کانسواءِ زندگي گذاري سگهن. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن ۽ جڏهن اهي گهرن کان ٻاهر نڪرن ته انهن کي هراسمينٽ کان بچايو وڃي. هن چيو ته پيغمبر اسلام (ص)، قائداعظم ۽ علامه اقبال عورتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي جائيداد جا حق ڏنا، عورتن کي تعليم جو حق ملڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي لاڳو پابندين تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هاڻي آن لائين بئنڪ اڪائونٽس کولي سگهن ٿيون ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڪيش سڌوسنئون انهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ وڃي رهي آه??، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار آه??. صدر چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي ج?? لاءِ انهن جي مهم نتيجاخيز رهي ۽ ماڻهو هاڻي ان بيماري بابت ڳالهه ڪرڻ لڳا آه??. هن چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي هڪ سروي موجب هن وقت ملڪ ۾ 24 سيڪڙو ماڻهو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آه??، دماغي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ هنگامي ذهني صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته هن وفاقي محتسب پاران وفاقي حڪومت جي کاتن جي خلاف ان وٽ موڪليل ڪيترين ئي شڪايتن کي حل ڪيو آه??. هن چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? شعبي ۾ شاگردن کي تربيت ڏئي تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ استحڪام ۽ مستقبل جي حوالي سان دورانديش حڪومت جي ضرورت آه??، هن شاگردن ??ي زور ڏنو ته اهي حڪومتي پروگرامن مان تربيت جي لاءِ فائدو حاصل ڪن. صدر چيو ته کيس يقين آه?? ته پاڪستان ۾ پولنگ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون ئي واحد حل آه??، عوام سياست ۾ ڀرپور حصو وٺي، ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي ۽ ايندڙ حڪومت کي مضبوط ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي سياسي پولرائيزيشن ۽ سياسي رواداري ج?? کوٽ جو بحران درپيش آه??. منهنجو هدف سياسي درجه حرات کي گهٽ ڪرڻ آه?? ۽ اسان کي چونڊن طرف وڌڻ گهرجي. مون چونڊن ۽ معيشت جي مسئلن تي سمورين ڌرين سان مفاهمت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي معاشي دٻاءُ درپيش آه?? جنهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ اوڳاڙين ۾ گهٽتائي شامل آه??. صدر معاشري ۾ تعليم، خانداني قدرن، سخاوت ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.