اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نوج??ان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، پاڪستان جا نوج??ان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهن، ملڪ جي نوجوانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي اهليت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته تعليم هر ٻار ۽ نوج??ان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نائب وزيراعظم چيو ته سڀني ٻارن کي چوندس ته سکڻ جي عمل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي ام??يا?? کي اخ??يا?? ڪري ترقي جا ن??ان رستا ڳولين. هن ??يو ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي دوري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ ناراض آهن، آئون چ??ان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳولين. جيتوڻيڪ ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته نوج??ان نسل محنت کي پنهنجي ترجيح بڻائين، حڪومت نوجوانن کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام جو مقصد نوجوانن کي بااخ??يا?? بڻائڻ به آهي. نوج??ان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن ??يو ته ترقي ۽ خوشحالي جي عهد ۾ نوج??ان حصيدار آهن. نائب وزيراعظم چيو ته 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي قوت بڻيو، اسان پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن ??يو ته اسان کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان جو مستقبل اڄ جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي حڪومت ۾ پاڪستان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، ان وقت پاڪستان بابت ڊيفالٽ جو چيو ويو پر پاڪستان دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ هئي، اسان جا دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان کي معاشي طور تي ختم ڪيو وڃي. هن ??يو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.