لاهور -07 آگسٽ (اي پي ??ي) سنڌو درياهه ۾ چشما ۽ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، پي ڊي ايم اي جون متاثر علائق?? ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڊيره غازي خان تونسا ۽ ڪوٽ چٽا تعلقي جي سنڌو درياهه جي ڪناري آباد 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميه جي اڳواٽ قدم?? سبب ڪو به جا??ي ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي، ته متاثر علائقن مان شهرين ۽ سندن چوپا??ي مال کي وقت سر ريسڪيو ويو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 8 ٻيڙيون ۽ 34 ورڪرز امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، 61 ماڻهن ۽ 650 کان وڌيڪ چوپا??ي مال کي وقت سر محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايم اي موجب عوام جي جا?? ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ذميواري آهي.