لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ??ير??انوني قدم کنيو، سموري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي، يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز، تقريبون، ڪا??فر??سون ۽ واڪس منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ??ير??انوني قدم کنيو. ڀارت ڪشميرين جو استحصال ڪندي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، گڏيل قومن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڪشميرين جي حقن تي ??ير??انوني قبضو ڪيو، ان ڪري اڄ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو مسلم امت جو اهم مسئلو آهي، ??نه?? ۾ بيگناهه مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. ڪشمير دنيا جي هڪ اهڙي جيل آهي، ??نه?? جو آواز کي نه پيو اچي. هن چيو ته پاڪستاني ڪشميرين جي حق جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته ڀارت ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مدد نه ڪري رهيا آهن، سڄي پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.