اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پ??رل??امينٽ هائوس ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل ه??يه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم ش??باز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پ??رل??اماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پ??رل??امينٽ ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پ??رل??امينٽ هائو?? جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل ه??يه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آزادي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.