اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دو??تاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دو??ت ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگري جي سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽ??سٽا ۽ پاڪ – هنگري پارلياماني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صا??ق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاون کي ساراهيو. سفير اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري جي سفير به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.