اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي ۾ تخته بيگ ۾ دهشتگردي جي ??وشش ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم ??فيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هشتگردن سان وڙهندي ملڪ جي خاطر شهات ماڻيندڙ پولي?? اهلڪار اعجاز ۽ ايف سي جي اهلڪار شهزاد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي ??هرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون پاڪستان ۾ امن جي لاءِ لازوال قربانيون آهن. پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي ??هرڀاتين تي فخر آهي. هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ متحد آهي.