اسلام آباد– 10 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن، اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي قرض آهن، جنهن کي اسان کي دهشتگردي جي مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پ??هنجي پ??غام ۾ وزيراعظم چيو ته ضلعي لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي ح??لي ۾ ڪيپٽن سميت پاڪ فو?? جي جوانن جي شهادت تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي هڪ قرض آهي جنهن کي اسان کي ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. وزيراعظم سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي آهي.