آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظ??م جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مرات ابوگالي نورتيلو سان ملاقات ڪئي. نائب و??ير??عظم ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي رابطن جي منصوبن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن ايس سي او هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جي صدارت دوران قازقستان جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کان آگاهه ڪيو. نائب و??ير??عظم شنگهائي تعاون تنظ??م جي خطي جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ قازقستان لاڳاپن جي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده ا??لاس جي اهميت تي زور ڏنو. نائب و??ير??عظم واپار، علائقائي رابطن ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.