بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گيمبيا ۾ رهندڙ پاڪ??تا??ي ڪميونٽي سان بنجول ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪ??تا??ي ڪميونٽي کي 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ پاڪ??تا??ي وفد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمد اسحاق ڊار پاڪ??تا??ي ڪميونٽي کي سربراهه اجلاس دوران ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بنجول ۾ پنهنجي ملاقاتن ۽ سرگرمين بابت ٻڌايو. پاڪ??تا??ي ڪميونٽي جي ميمبرن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران انهن کي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ تي کيس ساراهيو. هنن نائب وزيراعظم کي پنهنجي ڪجهه مسئلن بابت ٻڌايو ۽ انهن تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن پاڪ??تا?? ۽ گيمبيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. گيمبيا ۾ پاڪ??تا?? جو اعزازي قونصل جنرل ڪيبا ڪروبالي، پرڏيهي سيڪريٽري سفير سائرس قا??ي ۽ سينيگال ۾ پاڪ??تا?? جي سفير صائمه سيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.