اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراه?? اجلاس ۾ پاڪستاني وفد ج?? قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بي??ن موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز ج?? اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سربراه?? اجلاس جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني ويندي. بي??ن موجب اهو اجلاس مسلمان امت جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزه جي عوام مسلسل جنگ واري حالت ۾ آهي. اهو اسلامي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ اهم موقعو هوندو جتي اهي غزه جي صورتحال تي غور ڪن ۽ هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪن. سربراه?? اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق، مسلمان امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اسلامو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ۽ عالمي چئلينجن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيهي وزيرن س??ن ملاقاتون پڻ ڪندو.