اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب غزه ۾ جنگبندي کي يقيني بڻائڻ ۾ عالمي برادري جي ??اڪامي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي فوري لاڳو ڪرڻ، انساني امدادي لنگهه کولڻ ۽ وڏي انساني بحران کي روڪڻ جي ??اءِ قدمن جو مطالبو ڪيو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ??ڏي?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان کي غزه جي تباهي آڻيندڙ صورتحال تي وڏي ڳڻتي آهي. هن چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ غزه تي هڪ جهڙا جذبا رکن ٿا، هن عالمي برادري تي نسل ڪشيءَ جي خاتمي تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته 33000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن، عالمي ضمير کي بيدار ٿيڻ گهرجي ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي کي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ انسانيت جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي عالمي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته وڌيڪ فلسطينين کي بک جي ڪري مارجڻ نه گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته انسانيت جي خلاف جنگي ڏوهن جي سڄي دنيا ۾ مختلف جاچ ٿي ته غزه ۾ ڇو نه ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته مسئلي جو مستقل حل فلسطين جي ??ڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي جنهن جون 1967ع کان اڳ واريون سرحدون ۽ القدس الشريف ان جو گادي وارو شهر هجي. هن سعودي پرڏيهي وزير جي ??فظن کي ورجائيندي چيو ته دنيا اولهه جي ڇهه امدادي ڪارڪنن جي ??تل کانپوءِ بيدار ٿي پر هزارين فلسطينين جي ??ارجڻ تي نٿي. پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏس ۾ دنيا کي تيزي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته غزه ۾ هيستائين 33 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، وڌيڪ اهو ته اتي ڏڪار جهڙي صورتحال درپيش آهي ۽ هاڻي بک سان به مري رهيا آهن ڇو ته عالمي انساني امداد نه پهچي رهي آهي. اها عالمي برادري جي ??ڪمل ناڪامي آهي. جاري صورتحال کي ناقابل قبول قرار ڏيندي هن چيو ته ان جو ڪو جواز نه آهي، حقيقت ۾ غزه ۾ فوري جنگبندي جي حوالي سان ??ڏي?? قومن جي ??ن قراردادن ??ي عملدرآمد نه ٿيو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڇهه اولهه امدادي ڪارڪنن جي ??ارجڻ کانپوءِ ڪوششون ڏسڻ ۾ آيون پر 33000 فلسطينين جي ??وت کانپوءِ ائين نه ٿيو جيڪو ٻ??ي معيار کي ظاهر ڪري ٿو. شهزاده فيصل غزه جي عوام جي ??ارجڻ ۽ مصيبتن جي ??وري خاتمي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته هو اڳ ۾ ئي هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ رهي رهيا آهن جنهن جي ڪري غزه ۾ تباهي ٿي رهي آهي ۽ وڌيڪ ٽڪراءُ جي ضرورت نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ سڀني جي ترجيح هجڻ گهرجي. ان موقعي تي صحافين جي ??ختلف سوالن جا جواب ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسان مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ ۽ ان کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??ڏي?? فائدي جي ??اءِ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب مان اعليٰ اختياراتي وفد جي اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي ڳالهه ٻولهه بابت هن چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ خوشگوار تعاون کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن وضاحت ڪئي ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيزي سان گامزن ڪرڻ جي ??اءِ ون ونڊو وانگر ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان پنهنجي سيڙپڪاري جي ??احول کي مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس تفصيلي بريفنگ ۾ سعودي سيڙپڪارن جي ??اءِ توانائي، زراعت، معدنيات ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دايت تي سعودي سيڙپڪاري جي ??ڪمل سپورٽ کي يقيني بڻائيندو ۽ ان جي ??اءِ سازگار ماحول فراهم ڪندو. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل پنهنجي ۽ پنهنجي ??فد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي کي ساراهيو. هن پاڪستاني قيادت سان پنهنجي ??لاقاتن کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏنو. سعودي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وفد پاڪستاني ڌر جي ??عال ۽ ڪاروباري ڌيان جي ??وقف کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نمايان موقعا موجود آهن ۽ سندس دورو ان حوالي سان تمام گهڻو مثبت رهيو جيڪو مستقبل جي ??نصوبن جو بنياد فراهم ڪندو. شهزاده فيصل بن فرحان تاريخي ٻطرفي تعاون سان اقتصادي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي جي ??اءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ٻئي سوال تي چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ Sovereign Wealth Fund پارليامينٽ جي ايڪٽ ذريعي جاري ڪيو ويو. فنڊ جي ??اليت هاڻي 9 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ان جي شروعات 2.3 ملين ڊالر هئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ سمورن علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي ??ڏي?? موقف جو تاريخي پس منظر رکن ٿا. هن چيو ته سعودي عرب اٽڪل 25 لک پاڪستانين جي ??يزباني ڪري رهيو آهي جيڪو ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڪل انگ جو 28 سيڪڙو آهي ۽ اهي ملڪ کي ملندڙ ڪل مٽاسٽا جي ??اڻي مان 25 سيڪڙو موڪلي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان حڪومت سعودي عرب جي ??ئين پاليسي تحت تربيت يافته ۽ هنرمند افرادي قوت برآمد ڪندي. سعودي پرڏيهي وزير سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي تعاون کي ساراهيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن جي ??عيشت ۾ اها مثبت حصيداري مستقبل ۾ پڻ جاري رهندي. سعودي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڀائر مملڪن گڏجي چئلينجز کي منهن ڏنو، ماضي ۾ به هڪ ٻئي سان تعاون ۽ دارومدار ڪيو ۽ اهو مستقبل ۾ به جاري رهندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻئي ملڪ عالمي چئلينجن جي خاتمي لاءِ ڳالهه ٻولهه تي يقين رکن ٿا.