اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آ??ي ته عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قي??تن ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ حڪومت پاران خصوصي تحفو آ??ي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سمورو ڌيان مهانگائي ۾ گهٽتائي تي ??هي. هن چيو ته اپريل جي مهيني ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 82 پئسا گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٽه م??هي ايڊجسٽمنٽ ۾ ڊالر ريٽ تي دارومدار هوندو آ??ي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر مستحڪم ٿيڻ سان بجلي جي قي??تن ۾ گهٽتائي ٿي ??هي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ ڪاروباري ماڻهن ۽ ايڪسپورٽرز ??ي مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ ايڪسچينج ريٽ ۽ رپئي جي قدر مستحڪم ??هي. نگران دور ۾ به رپئي جي قدر مستحڪم رهي، جيڪڏهن حالتن ۾ اهڙي طرح بهتري رهي ته بجلي جي قي??تن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي رسالا به چئي رهيا آهن ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، بلومبرگ پڻ چيو آ??ي ته ٻه سيڪڙو مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته بلومبرگ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته مثبت انگ اکر سامهون اچي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي چوري جي خلاف قدم کڻي رهي آهي، بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ بهترين حل سامهون آڻي رهي ??هي.