اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهڙا آفيسر جيڪي بجلي چوري ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث آهن انهن ??ي خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن لائينز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙي وڃي جڏهن ته ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽ??ز هڻڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڪم جي شروعات ۽ وڌيڪ نقصان ۾ ويندڙ فيڊرز تي فيڊر مانيٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??ڌرائي موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدار?? ۾ ??جلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري ??فاقي وزير اويس احمد لغاري، اقتصادي معاملن واري ??فاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم ??ذير تارڙ، صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري ??زير مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن جي ذريعي هڪ مستحڪم نظام جوڙيون. هن چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال قطعي طور تي بجلي چوري جهڙي مسئلي کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته اهڙا آفيسر جيڪي بجلي چوري ۽ ان حوالي سان سهولتڪاري ۾ ملوث آهن انهن ??ي خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن لائينز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جنريشن ڪمپنيز سرڪاري خزاني تي بار آهن جن جي نجڪاري جي لاءِ ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن جي حوالي سان مڪمل پلان ٺاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽ??ز هڻڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڌيڪ نقصان ۾ ويندڙ فيڊرز تي فيڊر مانيٽ??ز هنيا ويندا. اجلاس کي بجلي چوري ??ي خاتمي واري ??هم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جن علائقن ۾ بجلي چوري جي شرح گهٽ آهي اتي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 462 (O) ۾ آرڊيننس جي ذريعي ترميم آندي وئي آهي جنهن کانپوءِ بجلي چوري ??اڻي هڪ قابل دست اندازي پوليس ڏوهه آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ شروع ٿيندڙ بجلي چوري جي مهم جي ڪري بجلي چوري جي شرح ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، بجلي چوري ??ي خاتمي واري ??هم تحت سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 57 ارب رپين جي ريڪوري ??ا وصولي ڪئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم کي موثر بڻائڻ ڪيترن ئي بجلي چوري ??ي خاتمي جي مهم ۾ هول آف دي گورنيمنٽ اپروچ اختيار ڪئي وئي. بجلي چوري ??ي خاتمي جي مهم تحت ڪاررواين جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ 45777، سنڌ ۾ 1250، خيبرپختونخواهه 5121 جڏهن ته بلوچستان ۾ 181 گرفتاريون عمل ۾ آندو ويون آهن. مهم دوران ڊسٽربيوشن ڪمپنيز جا 350 اهلڪار خراب ڪارڪردگي يا سهولتڪاري تي معطل ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميا جي سطح تي ٽاسڪ فورس کي سٺي ڪارڪردگي تي ريڪوري رقم جو ڪجهه حصو بطور انعام ڏنو ويندو.