اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه جي عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي جنين ج?? ابن سينا اسپتال تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو واقعو اسپتالن ج?? خلاف غيرانساني جنگ جي سلسلي جو تازه ترين واقعو آهي جيڪو فلسطيني عوام جي خلاف جنگي ڏوهن ج?? زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اهي جاري ظلم غزه جي ماڻهن ج?? تحفظ جي لا??ِ انصاف جي عالمي عدالت پاران طئي ڪيل عارضي قدمن ج?? روح جي خلاف آهن. ترجمان چيو ته غزه ۾ جاري جنگ ۽ ??صي??تن ج?? وچ ۾ وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن ج?? لاءِ گڏيل قومن ج?? ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي لاءِ فنڊز جي معطلي پڻ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي قدمن ج?? روح جي خلاف آهي جنهن ۾ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان غزه ۾ فلسطينين کي درپيش مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا جنهن ج?? فلسطيني عوام جي ت??فظ ۽ حمايت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ج?? چارٽر، لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون موجب فلسطيني عوام جي انساني حقن، وقار ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي لا??ِ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جو به مطالبو ڪري ٿو. انهن عارضي قدمن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ غزه جي عوام کي درپيش ??صي??تن ج?? خاتمي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت آهي، ??نه?? ڪري گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل کي جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي جاري ظلمن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو لازمي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.