اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي سالياني رپورٽ 2023ع پيش ڪئي. پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گ??ري?? سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تائ??ن پهچي وئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائ??ن پهچ 90 سيڪڙو تائ??ن پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ته هائي اسپيڊ براڊ بينڊ صارفين جو انگ 13 ڪروڙ تائ??ن پهچي ويو. نگران وزيراعظم پي ٽي اي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تائين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ساراهيو.