اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ پشاور ۾ وارسڪ روڊ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي پاڪستان جي امن تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ??را??ن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪ مان د??شتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. هن يقين ڏياريو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏياري ويندي. نگران وز??راعظم ڌماڪ?? ۾ ??خمي ٿيندڙ ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.