برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ست??نين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پا??ست??ني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن ??و اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته يورپي يونين پا??ست??ن جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئنده آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پا??ست??ن جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيهي وزير قونصلر سيڪشن سميت سفارتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پا??ست??ني ڪميونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان ??و اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.