سرينگر – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چ??و آهي ته ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري ره??و آهي جڏهن هن دوکيبازي ۽ طاقت جي زور تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قب??و ڄمائي ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مولوي بشير عرفاني، سيد بشير اندرابي، محمد ياسين عط??ئي، خواجه فردوس، ياسمين راجا، زمروده حبيب، فريده جي، جاويد احمد مير، فياض حسين جعفري، سيد سبط شبير قمي، محمد شفيع لون، هلال احمد وار، مولانا مصيب ندوي، شفيق الرحمان، پير سيد تصدق، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال ۽ محمد عاقب سرينگر ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ورڇ ٿيل ننڍي کنڊ جي فارمولي ج?? کليل خلاف ورزي ڪندي ۽ ڪشميرين جي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير تي قب??و ڪيو جنهن کي ڪشميرين ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ اهي ان ناجائز قب??ي ج?? خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏئي ??هي?? آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري خطرو آهي ۽ گڏيل قومن ڪشميرين جي خودمختياري ج?? حق کي تسليم ڪ??و آهي. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل علائقي ۾ ظلمن ۾ تيزي آندي آهي، هن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق سلب ڪري رکيا آهن ۽ هو والاريل علائقي ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي پاليسي تي عمل ڪري ره??و آهي. هن چيو ته ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا تي واضح ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي وطن تي ڀارت جي غيرقانوني قب??ي کي قبول نه ٿا ڪن ۽ جيستائين انهن جي خودمختياري ج?? حق نه ٿو ملي وڃي اهي پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندا.