بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، پاڪستان کي چين جي دوستي تي فخر آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پن?? سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين لاڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، شي جن پن?? جي ويزنري قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم ?? گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين مثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پن?? چيو ته چين پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.