اسلام آباد – 18 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اخونزاده چٽان ڪالهه اربع ڏينهن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير ان مو??عي تي ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ چونڊ عمل جي نگراني ڪرڻ آهي، اقتدار جي پرامن منتقلي اسان جي ا??لين ترجيح آهي. هن چيو ته نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائيندي.