اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيو??سٽ?? ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪ??ن کنيو ويندو. هن چيو ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيو??سٽ?? جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيو??سٽ?? نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.