اسلام آب??د ?? 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي خيبر جي باڙه باز??ر ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪ??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليس اهلڪارن شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جانين تي کيڏي دهشتگردي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قانون لاڳو ??ند?? ادارن جا اهلڪار پنهنجي جانين تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.