اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستا?? جي صدر ش??ڪت مرزيوئيف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ازبڪ صد?? کي 9 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر مرزيوئيف جي ٻيهر چونڊجڻ کي ازبڪ عوام جي ا?? جي قيادت ??ي اعت??اد جو مظهر قرار ڏيندي پنهنجي پختي اعت??اد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپ?? جي پاڪستا?? جي لاءِ اهميت تي زور ڏيندي ترجيحي واپاري معاهدي ۽ ازبڪستان – پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ جي آپريشنل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهي ٻئي معاهدا ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ثمرقند ۽ آستانه ۾ سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.