اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر دنيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ت?? اس??ن جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪست??ن جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪيورٽي جي ح??الي سان ڀارت پار??ن جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ??ن جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بد??ان تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ سٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ت?? اسان چاهيون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪست??ن جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪست??ن جا اولهه دنيا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سان گڏوگڏ پاڪست??ن جا چين سان ب?? اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان لاڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ت?? اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اس??ن جي لاڳاپن کي ظاهر نه ٿو ڪري، يورپي يونين سان اس??ن جا سمورين سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته يورپي يونين جو به پاڪستان سان واپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، ??ير??انوني مائيگريشن تي پاڪستان کي به اعتراض آهي.