اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪ ص??ر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر ٻيڙي حادثي ?? فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پيغام پهچايو. ص??ر رجب طيب اردوان واقعي ?? فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ??ئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ترڪ صدر ۽ ترڪ عوام جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.