اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين انهن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ ??ي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄاڻايل ??قم 267 ارب ??پيا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل ??قم 100 ارب ??پيا (11 سيڪڙو) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل ??قم 89 ارب ??پيا (رکيل ??قم جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پلانن?? اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄاڻايل رکيل ??قم 43 ارب ??پيا آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ارب ??پيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ارب ??پيا ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ارب ??پيا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ارب ??پيا گ??گت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.