اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل اقتصادي سروي ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان چيو ته م??لي سال 2021ع جي هڪ سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مالي سال 22ع دوران صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. موجوده حڪومت مستقبل ۾ ڪورونا طرز تي ڪنهن به وبائي مرض ۽ اي??رجنسي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، جنهن تحت وبائي مرضن لاءِ هڪ مربوط نظام تحت ليبارٽريون جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سان صحت جي ڪيترن ئي مرڪزن ۽ اسپتالن کي شديد نقصان پهتو، حڪومت صحت جي متاثر مرڪزن جي بحاليءَ لاءِ پُرعزم آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت رپورٽ مطابق انهن مرڪزن جي تعمير لاءِ 40294 ملين رپيا يعني 187.6 ملين ڊالر گهربل آهن. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه م??هيءَ دوران اي?? ڊي اي?? اي 20 لک 44 هزارن کان وڌيڪ مڇردانيون، 7300 هاءِ ج??ن ڪٽس، 200126 کاڌي جا پئڪيٽ، 18860 شروعاتي طبي امداد لاءِ ڪٽس ۽ ٻئي سامان سميت زندگي بچائيندڙ 350 جيڪٽس به فراهم ڪيا آهن. ترڪيه ۽ شام جي ??لز??ي جي امداد لاءِ اي?? ڊي اي?? اي طرفان 7376 ٽن سامان جنهن ۾ خيما، گرم ڪپڙا، خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون.