اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام عمران خان جا ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چ??ي آهي، فوج ان جي ناهي هوند?? جيڪو ان جي خلاف غليظ مهم هلائي، عوام ان جي ناهي هوند?? جيڪي ملڪ جي خلاف سازش ??ري. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام يقينن عمران خان جو ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چ??ي آهي، ان جي لاءِ هو ٻاهر نه نڪرندو، عمران خان گرفتار ٿيو ته فارن فنڊنگ، توشه خانه چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ظاهر نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف جيترا ڪيسز آهن انهن سڀني ۾ هُو جوابدار آهي، عمران خان ذهني مريض آهي، ان جو ذهن شيطان جو گهر آهي، جيڪو هر وقت سازش جي لاءِ تيار رهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فوج ان جي ناهي هوند?? جيڪو فوج جي شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائي ٿو، عوام ان جي ناهي هوند?? جيڪو ملڪ جي خلاف سازش ڪري ٿو ۽ عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن عمران خان تي حملو ٿيو ته پنجاب ۾ ان جي پنهنجي حڪومت ۽ ان جو پنهنجو وڏو وزير هو، جنهن ايف آءِ آر نه ڪٽي. عمران خان قاتلاڻي حملي جا الزام نه هڻي، ثبوت عدالت ۾ پيش ??ري.