اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجا??ند?? ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي پا??ند?? هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا ??ريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا ??ريڊيٽر ??و ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستان کي ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري مڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا ??ريڊيٽر ??و خطاب ڏنو ويو، ??ن ڪاري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پريڊيٽر ??ي چار سالا دور ۾ پاڪستان پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، ??ڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران پاڪستان جي ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.