اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ماضي جي حڪومت صحافين تي بي شمار ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪيا، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف انتقامي رويو نا??ي رکيو. هو جهنگ پريس ڪلب ۽ جهنگ يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو ته 4 سالن ۾ صحافين سان ڪيل زيادتين جو هڪ سال ۾ ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت صحافين، ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ص??افين جون پيشيواراڻيون صلاحيتون وڌائڻ جي لا??ِ اطلاعات واري وزارت ٽريننگ پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته چار سالن جو ڪارو دور ختم ٿي چڪو آهي جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا. هن چيو اميد ڪريون ٿا ته جهنگ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت اتان جي صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. ان کان اڳ اطلاعات واري وزير جهنگ پريس ڪلب جي صدر ليا??ت علي انجم، سيڪريٽري خرم سعيد سميت 11 رڪني باڊي کان حلف ورتو.