اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته اسان جي سياسي اڳواڻن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪري 1973ع جو متفقه آئ??ن جوڙي تاريخ لکي، آئين سمورين وفاقي ڌرين کي قيامت تائين هڪ ڏور ۾ ٻڌي رکندو، موجوده اتحادي حڪومت گڏجي درپيش چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. آئ??ن جي گولڊ جوبلي تق??يبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ منعقد ڪنوينشن ۾ آئ??ن جي گول??ن جوبلي قرارداد پيش ڪندي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. هن ڪنوينشن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته مختلف موقعن تي آئين ۾ ٿيندڙ ترميمن جي باوجود اهو زندهه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آئ??ن جي حڪمراني عدل ۽ انصاف جي بول بالا جي لاءِ مختلف نظرين ۽ سوچ رکندڙ پارٽين گڏجي آئ??ن جوڙيو، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، مولانا مفتي محمود، مولانا شاهه احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته 1999ع ۾ پهريون ??ير?? نظريه ضرورت کي ايجاد ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح هڪ چيف جسٽس هڪ ڊڪٽيٽر کي 7 سالن جي رعايت ڏئي ڇڏي، آئين کي ڪجهه وقتن تي ري رائيٽ به ڪيو ويو، 1973ع جو آئ??ن جوڙيندڙن هڪ تاريخ لکي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين گڏجي ملڪ کي مشڪل حالتن کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت سنڀالي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته چيو پئي ويو ته هي اتحادي حڪومت هڪ مهينو به نه هلندي، اڄ هڪ سال ٿي ويو آهي، چئلينجز ۽ مشڪلاتون ضرور آهن پر جڏهن پڪوپهه ڪري ڇڏيو ته گڏجي هلڻو آهي ۽ ڪم ڪرڻو آهي ته توهان اڳتي وڌو ٿا. هن چيو ته اسان سان شامل سياسي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين پنهنجي پنهنجي منظور تحت اليڪشن ۾ وڃڻو آهي پر جڏهن اهو طئي ڪيو وڃي ته اسان کي گڏجي معاملن کي هلائڻو آهي ته وڏا وڏا چئلينجز عبور ٿي وڃن ٿا. هن آئين سازن کي سلام پيش ڪندي چيو ته آئ??ن جوڙيندڙن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو. هن چيو ته سمورين ترميمن ۽ مشڪلاتن جي باوجود آئين چئني وفاقي ڌُرين کي هڪ ئي ڏوري ۾ ٻڌي رکيو آهي ۽ قيامت تائ??ن جوڙي رکندو. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ سينيٽر ميان رضا رباني کي گول??ن جوبلي تق??يبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.