اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ ج?? فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منه??جي دعا آهي ته اسان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنه??جي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. هي پنه??جي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنه??جي خواهشن ۽ پنه??جي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ?? اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منه??جي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منه??جي دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سان الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائ??. ا??له تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.