اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ??اڪ??تان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش آهي، معاشي بحران مان نڪ??ڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ??اڪ??تان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ??ي صلاحيت رکي ٿو. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي غيرملڪي چينل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته يوڪرائن جنگ ۽ ٻوڏ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي پر ??اڪ??تان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ??ي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هاڻي غيرآئيني قدم نه ٿيندا. هن ??اڪ??تان ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪي معيشت ۽ افغانستان ??ي صورتحال تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. دفاع واري وف??قي وزير خواجه محمد آصف جي بيان جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دفاع وارو وف??قي وزير سياسي تناظر ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهي، هو فني نه پر مشڪل معاشي دور جو ذڪر ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسان کي بدترين معاشي بحران درپيش آهي، ??اڪ??تان جو هڪ وڏو حصو تازي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي، ٻوڏ ??اڪ??تان جي معيشت جو رخ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ??اڪ??تان اڃا تائين مشڪلاتن مان ٻاهر ناهي نڪ??ي سگهيو ۽ انهي معاشي بحران مان نڪ??ڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عهدي تان هٽائڻ جي قدم کي هڪ جمهوري ۽ اداراجاتي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته شايد عمران خان جي حامين کي بي اعتمادي جا نتيجا پسند نه هجن پر اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ بنيادي ڪاميابي آهي جنهن ۾ جمهوري عمل جي پاسداري ڪئي وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جمهوري انداز اختيار ڪري واپس اچي سگهي ٿو پر هو جمهوري انداز اختيار نه ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جمهوري رستي جي چو??ڊ نه ٿو ڪري ته پوءِ ان جو ڪو سياسي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي حوصلا افزائي ڪندڙن جي حمايت ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پنهنجي ملڪي تاريخ جو اڌ کان وڌيڪ وقت سڌوسنئون آمريت ۽ ان جي وچ ۾ مختلف تبديلين تحت گذاريو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته ??اڪ??تان جي سياسي تاريخ ۾ غيرجمهوري قوتن جو پنهنجو وقت رهيو آهي پر اهو ڪڏهن ڊگهو ناهي رهيو. پرڏيهي وزير پشاور ۽ ڪراچي ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جو حوالو ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي کان به متاثر ٿيو آهي ۽ افغانستان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين جڏهن ته ان مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ افغانستان مان خطرن کي روڪڻ ضروري آهي.