اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ ريلي?? فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار جڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ?? ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ڪابينا ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي ??ان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ڀيڻويي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪابينا کي زلزلي جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??ان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي ??ان ٿيندڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام ??ان پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آه??، ترڪيه 2022ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن ج?? دوري جي لاءِ ترڪيه روانو ٿي رهيو آه??ان. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي ترڪيه روانيون ٿي چڪيون آه??. ريسڪيو اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آه?? جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ هڪ ريلي?? فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ڪاروباري ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ريلي?? فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار بطور عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم ريلي?? فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ ترڪيه ۽ شام جي عوام ??ان گڏ بيٺل آه??، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرري جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي ??ان هڪ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا بل جي مسودي جو غور ??ان جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا.